Monday 9 May 2016

رپورٽ؛شھباز خان شر~~• ٿرپارڪر ۾ ٻن مھينن اندر مري ويل مورن جو تعداد 130ٿي ويو.پر حڪومت اڃا تائين ڪوبہ نوٽس نہ ورتو.www.onlineindusnews.com

رپورٽ؛شھباز خان شر
ٿرپارڪر ۾ ٻن مھينن اندر مري ويل مورن جو تعداد 130ٿي ويو.پر حڪومت اڃا تائين ڪوبہ نوٽس نہ ورتو

سنڌ ۾ فطرت جو شاهڪار علائقو ٿر، پنهنجي فطري حُسن جي حوالي سان هڪ منفرد سڃاڻپ رکي ٿو. ٿر جون ڀِٽون، ترايون ۽ تاريخي ماڳَ، جتي ٿر جي فطري حُسن جو اُهڃاڻ آهن، اتي ٿر جا ناياب پکي ۽ جانور جن ۾ مور، تِتر، هَرڻ، روجهه، ٻاٽيٻڙ ۽ ٻيا ناياب پکي ۽ جانور ٿر جي فطري حسن جي علامت سمجهيا وڃن ٿا. ٿر جي جهنگلي جيوت ۾ خوبصورت پکي مور ٿر ۾ سونهن ۽ معصوميت جو اهڃاڻ تصور ڪيا وڃن ٿا. ٿر جي ريگستان واري علائقي ۾ مورن جو خوبصورت نسل دنيا ۾ ڪٿي به نٿو ملي. زهريلي نانگ بلائن جا ازلي دشمن سمجهيا ويندڙ مورَ، ٿر جي لوڪ ادب جو حصو به سمجهيا وڃن ٿا، ٿر جي خطي جا سمورا گيت، همرچا ۽ راسوڙا لوڪ ادب جو حصو آهن، ٿر جي لوڪ ادب ۾ مورن تي تشبيهون پڻ شامل آهن، شيخ اياز کان وٺي سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن، ٿر جي وسڪارن، ميگهه ملهار جي منظرن، مورن جي سونهن ۽ سندرتا کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سموئي ٿر جي فطري حُسن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ محفوظ ڪيو آهي، مور ۽ ميگها رُتَ جو پاڻ ۾ گهرو سنگم هوندو آهي، جڏهن ٿر ۾ برسات وسندي آهي، ته مور خوشيءَ وچان رقص ڪري پنهنجي ڌرتيءَ کي سونهن ارپيندا آهن. ڪجهه عرصي کان ٿر جي مورن تي موت جو راڪاس لامارا ڪري رهيو آهي ۽ ٿر ۾ مورن جي مرڻ جو سلسلو هن سال به جاري آهي. گذريل ٻن مهينن دوران لڳ ڀڳ 115 مور مري ويا آهن پر سرڪاري ادارن پاران ٿر جي مورن جي علاج لاءِ ڪي به سنجيده ڪوششون نه ٿي سگهيون آهن. وائلڊ لائيف کاتي جي لاپرواهيءَ سبب ٿر جي ڳوٺ ۾ مورن جي علاج لاءِ ڪئمپون قائم نه ڪيون ويون آهن. هي عجيب منطق آهي جو گذريل سال راني کيت جي بيماريءَ سبب سوين مور مري ويا پر جهنگلي جيوت کاتي جي عملدارن پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ غلط بيانيءَ کان ڪم ورتو پر مورن جي علاج لاءِ ڪي سنجيده ڪوششون نه ورتيون. هن سال به جهنگلي جيوت کاتي جا آفيسر ۽ وزير پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ غلط بيانيءَ کان ڪم وٺي رهيا آهن ۽ ميڊيا ۾ نشاندهي ٿيل انگن اکرن کي ڪنهن به ريت مڃڻ لاءِ تيار ناهن. جڏهن ٿر ۾ مورن جي مرڻ جون خبرون ميڊيا تي اينديون آهن، ته هر سال ائين ٿيندو آهي، ته جهنگلي جيوت کاتي جا وزير ۽ آفيسر ٿر جي ڳوٺن جا روايتي دورا ڪري واپس هليا ويندا آهن پر عملي طور تي مورن جي علاج لاءِ ڪي به ڪوششون نه ٿينديون آهن، ٿر ۾ جتي مور راني کيت جي بيماريءَ وسيلي مرن پيا، ته اُتي ٿر ۾ جهنگلي جيوت جي نسل ڪشي پڻ معمول بڻيل آهي. موجوده صورتحال ۾ وڏي ذميواري سنڌ سرڪار تي ٿئي ٿي، ته هو جهنگلي جيوت کاتي جي ڪارڪردگيءَ جو نوٽيس وٺندي، حقيقت جي روشنيءَ ۾ ٿر جي مورن کي بچائڻ لاءِ عملي قدم کڻي ۽ مورن جي مرڻ واري تعداد ۾ گهٽ وڌ انگن اکرن ۾ الجهڻ بجاءِ مورن جي بيماريءَ تي ضابطو آڻڻ لاءِ ضروري وسيلا ڪتب آڻي.

Thursday 28 April 2016

مزدورن جي ڏينھن تي ھاءِ اسڪول ھنڱورنو طرفان ھنڱورنو شھر ۾ ريلي ڪڊي ويندي.سڀني دوستن کي شرڪت جي اپيل……!!!

مزدورن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پورهيتن جي عظمت کي سلام پيش ڪرڻ لاء گورنمنٽ هاء اسڪول هنڱورنو پاران بروز ڇنڇر صبح 9:00 وڳي ريلي ڪڍي وينديي ۔ اوهان سڀني باشعور فردن کي دل سان دعوت ڏجي ٿي ۔ ريلي ۾ شريڪ ٿي اسان سان گڏ هجڻ جو ثبوت ڏيو ۔ هنگورنو نيوز ، سنڌڙي نيوز سميت ميڊيا سان تعلق رکندڙ ساٿين کي خاص طور رپورٽ ڪرڻ جي گذارش آهي ۔ سماج ۾ بهتر تبديلي جي سفر ۾ اسان جي سگهه بڻجو

اسان ملڪ مان ڪرپشن ختم ڪرڻ جي لاء نڪتا آھيون:شاھ محمود قريشي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ غوثيه جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم شاھ محمود قريشي چيو ته مون اک کولڻ سان ئي پنهنجي گهر ۾ سنڌي ٽوپي ۽ سنڌي اجرڪ ڏٺي جنهن سان اندازو ٿيو ته اسان جا بزرگ ۽ وڏا به سنڌ ۽ سنڌين جا عاشق هئا سنڌي قوم بهادر ۽ سچي آهي منهنجو سنڌي قوم سان تعلق ريڙھ جي هڏي جيان آهي هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته مان غوثيه جماعت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف کي هڪ ئي جماعت سمجهان ٿو منهنجا مريد سڀ پي ٽي آئي سان گڏ آهن اسان ملڪ مان ڪرپشن ختم ڪرڻ لاء سنڌ ۾ نڪتا آهيون ۽ جنهن طريقي سان سنڌ جي ماڻھن پيار ۽ محبت ڏئي جهر جهنگ ۽ هر ننڍي وڏي شهر ۾ هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿي آڌر ڀاء ڪيو آھي ان مان لڳي ٿو ته هتي جا ماڻھو به تبديلي چاهين ٿا ڇاڪاڻ جو ملڪ ٺھڻ کان وٺي اڄ تائين مخصوص خاندانن واري وٽي سان حڪمراني ڪري قوم ۽ ملڪ کي لٽيو آهي اهو ئي سبب  آهي جو هاڻي  عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي جيڪو تبديلي چاهي ٿو هن هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته پاناما ليڪس عوامي اشو ٿي چڪو آهي ان ڪري ان جي لپيٽ ۾ ايندڙ پاڻ کي صفائي لاء پيش ڪن ڳالھ ٻولھ دوران شاھ محمود قريشي ٻڌايو ته اسان ڪرپشن جي خلاف آهيون جنهوريت جي خلاف هر گز ناهيون حڪومت چاهي ڪنهن جي به هجي جنهوريت جو دفاع ڪنداسين پر ڪرپشن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين هن چيو ته مان وزير خارجه هئڻ ڪري ملڪي سرحدن جي صورتحال بابت پڻ با خبر آهيان ڳالھ ٻولھ دوران پي ٽي آئي جو صوبائي اڳواڻ گل محمد رند پڻ موجود هو

Wednesday 27 April 2016

گرنمينٽ ھاء اسڪول هنڱورنو ۾، ”ٻانهن ٻيلي“ تنظيم جي تعاون سان ”ننڍي عمر جي شادي جا فائدا ۽ نقصان“ جي موضوع تي تقريري مقابلو ڪرايو ويو. شاگردن موضوع تي پنهنجن خيالن جو اظھار ڪيو

گرنمينٽ ھاء اسڪول هنڱورنو ۾، ”ٻانهن ٻيلي“ تنظيم جي تعاون سان ”ننڍي عمر جي شادي جا فائدا ۽ نقصان“ جي موضوع تي تقريري مقابلو ڪرايو ويو. شاگردن موضوع تي پنهنجن خيالن جو اظھار ڪيو.
مقابلي ۾ پهرين پوزيشن فيصل ڪنڀر، ٻي حسين بخش پٺاڻ ۽ ٽين پوزيشن هادي بخش سولنگي حاصل ڪئي، شاگردن ۾ انعامات ۽ سرٽيفڪيٽ تقسيم ڪيا ويا.
شفيق الرحمٰن بروهي تلاوت ڪئي، جڏھن تہ ساجن صوفي گيت ٻڌايا.
ٻانهن ٻيلي سٿ پاران دوستن محمد بخش ڪپري، علي حسن نون ۽ انجم شھزادي شرڪت ڪئي.
تقريب کي هيڊ ٽيچر غلام فاروق بروهي، محمد بخش ڪپري، علي حسن نون ۽ عبدالله مري خطاب ڪيو جڏھن تہ اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض حسيب ڪانهيون ادا ڪيا

اسلام آباد پوليس مدرسي جي جهڙتي دوران هٿيار ملڻ تي لال مسجد جي نائب خطيب کي گرفتار ڪري ورتو


اسلام آباد:اسلام آباد پوليس مدرسي جي جهڙتي دوران هٿيار ملڻ تي لال مسجد جي نائب خطيب کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس مطابق لال مسجد جي خطيب عامر صديقي کي ان مهل گرفتار ڪيو ويو، جڏهن باره ڪهو ٿاڻي ويجهو هڪ مدرسي ۾ جهڙتي دوران 3 ڪلاشنڪوفون هٿ آيون، پوليس مطابق عامر صديقي جي سرپرستي ۾ هلندڙ اهو مدرسو هڪ خانگي اسڪول جي جاءِ تي قائم ڪيو ويو هو، جڏهن عامر صديقي هٿيارن جا لائسنس ڏيکارڻ ۾ ناڪام ويو ته کيس گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو، جتي ٿوري دير کانپوءِ ڪجهه ماڻو هٿيارن جا لائسنس کڻي پهتا ۽ ان کانپوءِ عامر صديقي کي آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته لائسنس پوليس تصديق لاءِ پنهننجي قبضي ۾  وٺي ڇڏيا،ان سلسلي ۾ لال مسجد شهداءِ فائونڊيشن جي ترجمان گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو ته صديقي صاحب جي گرفتاري جو ڪارڻ ان جي ملڪيت 3 ڪلاشنڪوفون هٿ اچڻ هو، سندس اهو به چوڻ هو ته آپريشن سڄي بارا ڪهو ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ عامر صديقي جو گهر به شامل هو، ترجمان مطابق اسان جڏهن رينجرز جي ترجمان سان ڳالهايو ته هن پڪ ڏياري ته عامر صديقي کي آزاد ڪيو ويندو، هن ٻڌايو ته عامر صديقي جي ويجهي ساٿي ڊاڪٽر عابد اورڪزئي ٿاڻي تي وڃي سندس ضمانت ڪرائي، ذريعن مطابق سيڪيورٽي فورسز پاران باره ڪهو جي علائقي مدينا ٽائون،ميرا بيگوال، اٿل ۽ پي ٽي وي ڪالوني ۾ به سرچ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران ڪجهه افغانين سوڌو 54 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

Tuesday 26 April 2016

سانوڻ راڄڙ جي اسپيشل رپورٽ

حُرَجَمائتَ جو پيرين پنڌ قافلو جيڪو سرنواري ڳوٺ قاضي فيض محمدراڄڙ ٽنڊومٺاخان ڳوٺ محمدبچل راڄڙ کان ٽي ڏينھن اڳ پيرجو ڳوٺ ڏانهن روانوٿيو هو سو پڌريو تي پهچي ويو آھي ان قافلي جي اڳواڻي فقيرعاقل راڄڙ ڪري رهيوآھي فقيرعاقل راڄڙ هنڱورنو نيوزسان ڳالهائندي چيوت اسين انشاءالله24 رجب تي درگاه شريف پيرجوڳوٺ پهچي وينداسين.
رپورٽ:-سانوڻُ راڄڙ

يورپ جي ملڪن ۾ دھشتگردن جي نئين لھر شروع.تفصيل جي لاءِ ھن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو

لنڊن:يورپي ملڪن ۾ دهشتگرد حملن جي نئين لهر شروع ٿي آهي،جنهن ۾ هزارن جي انگ ۾ جوان مارجي ويا آهن.11 سيپٽمبر 2001ع ۾ آمريڪا ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر پينٽاگون ۽ پنسلوانيا ۾ دهشتگرد حملن سبب ٽي هزار شهري مارجي ويا.يارنهن مارچ 2004ع ۾ اسپين جي شهر ميڊرڊ ۾ ڌمڪان جي نتيجي ۾ اجل جو شڪار ٿيندڙن ۾ هڪ سئو 90 ماڻهو مارجي ويا.جولاءِ 2005ع ۾ لنڊن ۾ ٽرين ۽ هڪ بس جي ٽڪر ۾ 92 شهري فوت ٿيا،24 مئي 2014ع ۾ بيلجم جي شهر برسلز جي ميوزم ۾ دهشتگرد حملي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا.جڏهن ته 14 نومبر 2015ع تي فرانس جي شهرپيرس ۾ فائرنگ ۽ آپگهاتي ڌماڪن ۾ هڪ سئو 27 ڄڻا گولين جو کاڄ بڻجي ويا،جڏهن ته ڪارروائي ۾ 8 حملو ڪندڙ به ماريا ويا.